پنوعاقل۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس 2013 اميدوارن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو، حڪومت خلاف سخت نعريبازي، اعلي اختيارين کان آفر آرڊر ڏيڻ جي گهر،
رپورٽ موجب اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس 2013 تحريڪ مرڪز پاران سڄي سنڌ ۾ اعلانيل احتجاجي مظاهرن جي سلسلي ۾ پنوعاقل ۾ به پريس ڪلب آڏو مرڪزي اڳواڻ علي گوهر انڍڙ، عبدالقيوم مهر ، آصف بلو، اسد ڏهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،مظاھرين نٽهڻ اس ۾ حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ” اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس 2013 جي اميدوارن جو هڪ ئي مطالبو آهي ته 60 پلس کان 97 پلس تائين مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر ڏئي سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي، هنن چيو ته 40 پلس پاليسي نامنظور آهي ڇاڪاڻ ته اسين 40 کان وڌيڪ 60 پلس مارڪون حاصل ڪيون آهن حق اسان جو آهي، اسان کي پنهنجو حق ڏنو وڃي، هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، تعليم جي صوبائي وزير سردار شاهه، سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري ۽ تعليم کاتي جي ٻين عملدارن کان پرزور مطالبو ڪيو ته آفر آرڊر ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ 30 مئي تي اعلانيل سي ايم هائوس آڏو ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري پنهنجي حق جي حاصلات لاءِ جدوجهد جاري رکبي