پنوعاقل ويجهو سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن،رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙي جي نتيجي ۾ مير محمد ۽ رحيم بخش زخمي ٿي پيا،زخمي جي وارثن پريس ڪلب پنوعاقل آڏو دانھيدي ٻڌايو ته بااثرن اسان جي ڌر جي ماڻهن مٿان بناجواز حملو ڪري ڌڪي ڪيو آھي،احتجاج ڪندڙن مير محمد سولنگي،حميدا سولنگي،محمد حافيظ سولنگي ۽ ٻين ايس ايس سکر ۽ ۽ ٻين اختيارين کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي