
پنوعاقل ويجھو باگڙي برادري جي گھرن کي باھ لڳي وئي،ڪيترائي گھر سڙي رک ٿي ويا،الھ تلھ سڙي رک ٿي وڃڻ ڪري متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل،تفصيل موجب پنوعاقل جي ڳوٺ سومرا پنھواري ۾ باگڙي برادري جي پورھيتن جي گھرن کي چلھ جي چڻنگ مان اوچتو باھ لڳڻ ڪري ڪيترائي گھر سڙي رک ٿي ويا،باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ گھر اندر پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو جڏھن ته متاثر ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن،متاثرن پاران وس وارن کان مالي مدد جي اپيل پڻ ڪئي وئي آھي،آخري اطلاعن موجب فائربرگيڊ نه پھچڻ ڪري ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آڻي ورتو،