
پنوعاقل ۾ بد بدامني تي ضابطو نہ آيو، پنوعاقل شھر مان چورن پاران دڪان جا تالا ٽوڙي لکين روپين جي چوري ڪري ويا، دڪاندارن جو بائجي پوليس خلاف احتجاج، تفصيل موجب پنوعاقل۾ بد بدامني تي ضابطو نہ آيو گذريل رات نامعلوم چورن پاران پنوعاقل جي بائيجي ٿاڻي جي حد مان شھر جي سڌوجا چوڪ ڀرسان سچل سميجو جي سيمنٽ جي دڪان جا تالا ٽوڙي لکين روپين جو سامان ۽ روڪ رقم چوري ڪري ويا، بائجي ٿاڻي جي حد ۾ بدامني وڌي وڃڻ خلاف دڪاندارن سچل سميجو،اسلم پتافي،راجا ماڙواري،خالد گھوٽو ۽ ٻين دڪاندارن ء واپارين پاران احتجاج ڪندي چيو تہ بائجي ٿاڻي جي حد ۾ بدامني وڌي عروج تي پھتي آهي، چور اسان جي ڪاروبار جي دڪانن جا تالا ٽوڙي۽ کاٽ ھڻي چوري ڪري آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا پر حد جي پوليس رات جي وقت گشت ڪرڻ بدران ننڊ سُتل رھي ٿي، دڪاندارن احتجاج ڪرڻ دوران بائجي پوليس خلاف زوردار نعري بازي ڪئي ۽ ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي سکر کان چوراڪاري۽ بد بدامني وڌي وڃڻ جو نوٽيس وٺي دڪان مان ٿيل چوري واپس ڪرائي ڏيڻ ۽ ملوث چورن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، واضح رهي تہ بائجي ٿاڻي جي حد مان ڪجھ ڏينهن ۾ چورن پاران 4 کان وڌيڪ چوري ڪرڻ جون وارداتون ڪيون ويون آهن جنهن۾ سڌوجا روڊ تان ڊاڪٽر شھبان منگي جي ڪلينڪ کي کاٽ هيو ويو ھو جنھن جي لکين رپين جي چوري ٿي وئي هئي، ٽي ڏينهن اڳ دعا چوڪ ڀيلار روڊ تان حاجن پتافي جي ڏينهن ڏٺي جو ڪار چوري ٿي وئي هئي ۽ ماشاءالله فلور مل وٽان محمد اسماعيل انڍڙ جي موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي هئي،