پنوعاقل ۾ نوجوان واھ ۾ وھنجدي ٻڏي فوت ، فوتي جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، خبر موجب پنوعاقل ڀرسان ڳوٺ جمعو جسڪاڻي جو رھواسي نوجوان نويد جسڪاڻي وھنجڻ لاءِ ڪمال واھ ۾ لٿو ته ھو ٻڏي ويو جنهن کان پوءِ ڳوٺاڻن پاران ڳولا ڪرڻ بعد نوجوان جو لاش واھ مان ٻاھر ڪڍيو ويو ، نوجوان جي لاش کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو جٿي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي، جنھن کان پوءِ وارث نوجوان فوتي جو لاش ڳوٺ کڻائي ويا، نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ڀاتين۾ ڪهرام مچي ويو،