
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سمورن گرفتار پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ترت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي هراسان ڪرڻ جي خلاف درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدالت ۾ پيش ٿيو.
هن عدالت کي ٻڌايو ته 70 پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي سورهن ايم پي اي تحت حراست ۾ ورتو ويو آهي.رپورٽون آهن سرڪاري نمبر پليٽس جي گاڏين تي حملا ڪياويندا، مختلف ادارن جي رپورٽ تي گرفتاريون ڪيون ويون آهن.
چيف جسٽس اطهر من الله معلوم ڪيو ته جڏهن ڪو ايڪٽ نه ٿيو آهي ته توهان گرفتاريون ڪيئن ڪري سگهو ٿا؟، جيڪڏهن رپورٽ آهي ته ڪنهن ميٽرو اسٽيشن تي نقصان پهچائڻو آهي ته انهن کان شوئرٽي بانڊز ورتاويندا.
چيف جسٽس پڇيو ته انهن 70ماڻهن مان هينئر تائين ڪنهن ڪو ايڪٽ ڪيو هو؟، ڊپٽي ڪمشنر جواب ڏنو ته اسان احتياطي تدبيرن طور هي قدم کنيو آهي.