پنوعاقل۾ تعلقہ اسپتال جي ايم ايس خلاف احتجاج ، ايم ايس کي ھٽائڻ جو مطالبو، رپورٽ موجب پنوعاقل ۾ تعلقہ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر پرويز ڪورائي خلاف
سکر بچائو اتحاد ۽ سکر شهري اتحاد جي فضل الرحمن ڀٽو جي اڳواڻي ۾ اسپتال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين احتجاج ڪندي چيو ته تعلقہ اسپتال جي ايم ايس پرويز ڪورائي اسپتال کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي ،اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو ڊيوٽن تان غائب رھي ٿو ، ھنن چيوته ايم ايس پرويز ڪورائي ڪجه ڊاڪٽر ۽ اسٽاف کي ويزا تي موڪلي ڇڏيو آهي ۽ اسپتال ۾ ايمبولنس جي صحولت به موجود ناهين، جڏهن تہ ناڪارھ ايمبولنس جي مينٽينس ۽ ان جو تيل ڪوڙن بلن ۾ ڏيکاريو پيو وڃي ۽ماني جي بل ۾ به ڪرپشن ڪئي ٿي وڃي ۽ اسپتال جو لوھ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪرپشن جا رستا اختيار ڪري ھن اسپتال کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي،مظاهرين اھو بہ چيو تہ ايم ايس پرويز ڪورائي خلاف اينٽي ڪرپشن ۾ به ڪيس هلي رهيو آھي پر ان جي باوجود بہ ايم ايس پنهنجي غنڊھ گردي کي قائم رکيون ويٺو آھي، ھنن سندھ گورنمنٽ کان مطالبو ڪندي چيو تہ نااهل ايم ايس کي هٽائي ان خلاف انڪوائري ڪرائي وڃي، مظاهري ۾ شهري اتحاد اڳواڻ سجاد علي سولنگي نجيب ساحل ۽ ڀٽا نوجوان اتحاد جي پرويز ڀٽو انعام الله ڀٽو صفي الله ڀٽو ۽ ٻيا شامل هئا،