
پنوعاقل( رپورٽر) جي دادلوءِ ٿاڻي جي حد ۾ نينگر سان بدفعلي، ٿاڻي تي رپورٽ درج، نينگر کي ميڊيڪل لاءِ تعلقہ اسپتال آندو ويو، خبر موجب پنوعاقل جي دادلوءِ ٿاڻي جي حد ۾ 14 سالا نينگر اسرار ولد پنھل ملڪ سان جوابدار، نادر ڪورائي مٿان زبردستي بدفعلي ڪري فرار ٿي وڃڻ جو الزام ھيو ويو آهي، جڏهن تہ نينگر جي وارثن پاران دادلوءِ ٿاڻي تي نينگر سان زيادتي ڪرڻ جي رپورٽ درج ڪرائي وئي آهي جنهن کان پوءِ حد جي پوليس نينگر جي ميڊيڪل ڪرائڻ لاء ليٽر ڏنو ويو جنهن بعد نينگر کي وارث تعلقہ اسپتال پنوعاقل آندو ويو ، ھوڏانھن اھڙي واقعي پيش اچڻ بابت دادلوءِ ٿاڻي جي ايس ايڇ او سان موقف معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نہ ٿي سگھيو،