
پنوعاقل (رپورٽ: انور علي جتوئي ) پنوعاقل لائيبريري ۾ سھولتن جي اڻاٺ،شاگرد مايوسي جو شڪار،پنوعاقل لائيبريري ۾ پڙھڻ لاءِ ايندڙ شاگردن کي سولر سسٽم، صاف پاڻي،بجلي،فرنيچر ۽ ٻين سھولتن جي کوٽ سبب پريشانيون،ڪمپيوٽر لائبريري ۾ به سھولتون نه ھجڻ برابر،شاگردن جي شڪايتن باوجود تدارڪ نه ٿيو،سي ايس ايس جي تياري لاءِ اچون ٿا،پر ھتي سھولتون نه ھجڻ برابر آھن:شاگرد،رپورٽ موجب پنوعاقل جي روينيو آفيس سامھون قائم لائبريري ۾ سھولتون نہ ھجڻ ڪري پڙھڻ لاءِ ايندڙ شاگرد مايوسي جو شڪار بڻيل آھن،لائيبريري ۾ ھر روز سوين شاگرد پڙھڻ لاءِ اچن ٿا جن مان ڪجھ شاگرد سي ايس ايس جي تياري پيا ڪن،قھر جي گرمي باوجود لائبريري ۾ جنريٽر بند پيل رھن ٿا،شاگرد صاف پاڻي ۽ انٽرنيٽ جي سھولتن کان به محرون بڻيل آھن،لائبريري اندر سولر سسٽم، صاف پاڻي،بجلي،فرنيچر ۽ ٻين سھولتن جي کوٽ ھجڻ ڪري پڙھائي ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچن پيون،ٽائون انتظاميا ۽ ٻين اختيارين کي سوين شڪايتون ڪيون آھن پر تدارڪ نه پيو ڪيو وڃي،لائيبريري ۾ سھولتون ڏيئي شاگردن ۾ پکڙيل بي چيني ختم ڪئي وڃي