
پنوعاقل ۾ پاڻي جي کوٽ، واھن۽ شاخن ۾ پاڻي نہ ھجڻ برابر، ڪپھ جو فصل وقت سان پوکائي نہ ٿي سگھيو، پوکيل فصل ڪمند۽ سبزيون سوڪڙي جو شڪار، آبادگارن پاران ھٿن ۾ ڪمند جا سڪل پن کڻي واھ جي ڪپ تي احتجاجي مظاهرو،سخت نعريبازي، خبر موجب پنوعاقل۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن پاران
ڪورائي واھ جي ڪپ تي آبادگار نياز حسين جتوئي. محمد الياس جتوئي ، زميندار محمد حاصل ، زميندار محمد خاوند چاچڙ ، حميد ڪلھوڙو ، شاھد الدين پنجابي. امداد جتوئي ، محمد ملوڪ چاچڙ ، ممتاز ڀنگر امداد جتوئي ، نياز حسين جتوئي ، محمد حاصل ڪلھوڙو ، محمد الياس جتوئي۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن۾ ڪمند جاسڪل پن کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ اسان سنڌوءَ نندي جا وارث آهيون پر زمينون آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي جي سپ لاءِ پريشان آھيون ۽ واھن ۾ پاڻي تہ ڇڏيو ويو آهي پر پاڻي نہ ھجڻ برابر آهي جنهن سبب اسان پنهنجا مد جا فصل ڪپھ ٻيا فصل بہ وقت سر پوکائي نٿا ڪري سگهون، اسان پريشان آھيون تہ پوکيل فصل ڪمند ٿوڙي سبزيون بہ سڙي سڪي تباھ ٿي رھيون آھن ۽ اسانجو سڄو گذر سفر زرعي زمين جي فصل تي آھي جڏھن فصل کي وقت سان پاڻي نه ملندو تہ ڀوکيل فصل سڙي ويندو مد جي ڪپھ جو فصل پوکجي نہ سگھندو تہ اسان پنھنجا ٻچڙا پالي ڪيئن سگھندا سين، مظاھرين پاران وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاھ سميت وس وارن کان پنوعاقل جي واھن ۾ پاڻي ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي،