
پنوعاقل ( رپورٽر)يومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم پاڪستان صوبه سنڌ جو اجلاس صوبائي آفيس پنوعاقل ۾ منعقدڪيو ويو ،آفيس جي ھلندڙ ڪم جو اڳواڻن جائزو ورتو ويو،خبر موجب ھيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم پاڪستان جو صوبائي اجلاس پنوعاقل ۾ صوبائي آفيس ۾ منعقد ٿيو جنھن ۾ صوبائي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالطيف ميراڻي،صوبائي نائب صدر وحيد احمد ڀٽو،صوبائي جوائنٽ سيڪريٽري مظفر شاھ،صوبائي آفيس سيڪريٽري محمد صديق چاچڙ،سکر ڊويزن صدر سيد الله جتوئي،ڊويزنل انفارميشن سيڪريٽري فدا ميراڻي،سکر ضلع نائب صدر نجيب الله ميراڻي،جنسار احمد ۽ ٻين شرڪت ڪئي،اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنوعاقل سميت پوري سنڌ ۾ انساني حقن جي خلاف ورزي تي آواز اٿاريو ويندو جلد صوبائي قيادت سنڌ جو دورو ڪندي،اڳواڻن صوبائي آفيس جي ھلندڙ ڪم جو جائزو پڻ ورتو