
پنوعاقل (رپورٽ: انور علي جتوئي ) پنوعاقل جي نجي ويم گھر ۾ ويم دوران ڊاڪٽرن جي مبينه غفلت سبب عورت فوت،حسين ٻيلو واسڻ مسمات ڪونج انڍڙ اسپتال ۾ دم ڏنو،عورت جي وارثن پاران ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جا الزام،اسپتال عملي عورت جي وارثن پاران ڊاڪٽرياڻي جي غفلت وارن الزامن جي ترديد،خبر موجب پنوعاقل جي علائقي حسين ٻيلو واسڻ عورت مسمات ڪونج انڍڙ نجي اسپتال جي ويم گھر ۾ فوت ٿي وئي،فوتي عورت جي وارثن پاران ڊاڪٽرياڻي مٿان دوران علاج غفلت جا الزام لڳايا ويا،فوتي عورت جي وارثن موجب عورت کي ويم لاءِ اسپتال آندو سين جتي اسپتال عملي پئسن جي گھر ڪئي ۽ سڄو ڏينهن دلاسا ڏيندا رھيا ۽ مريض فوت ٿيڻ بعد لاش اسان جي حوالي ڪئي وئي،فوتي عورت جي وارث محمد نواز انڍڙ ٻڌايو ته عورت جي اسپتال ۾ فوت ٿيڻ واري معامري جو اسپتال انتظاميا مٿان قتل ڪيس داخل ڪرايو ويندو،ھوڏانھن اسپتال عملي فوتي عورت جي وارثن الزامن جي ترديد ڪندي چيو ته اسپتال عملي يا ڊاڪٽرياڻي جي ڪابه غفلت ناهي،ڇوڪري سيريز هئي انڪري آپريشن ئي نه ڪيو،وارثن کي سکر منتقل ڪرڻ لاء چيو جن کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ عورت فوت ٿي وئي,