
پنوعاقل (رپورٽ: انور علي جتوئي ) پنوعاقل جي شھزاد فضل عباسي لائيبريري ۾ سھولتن جي کوٽ جو ميڊيا تي خبرون ھلڻ کان پوءِ ٽي ايم او پنوعاقل سجاد سمائر نوٽيس وٺي لائيبريري پھتو ،ڪجه ڏينهن پهريان شاگردن دانهون ڪيون ھون ته ان لائبريري اندر سهولتن جو فقدان آھي،شاگردن وٽ ويهڻ لاء ڪرسيون نه هيون،قهر جي گرمي ۾ هوا لاء پکو نه هو،ٻيا به کوڙ اشوز ھجڻ جو ميڊيا تي خبرون اچڻ کانپوءِ اهڙي معاملي جو ٽي ايم او سجاد سمائر نوٽيس وٺي شاگردن لاء لائبريري جو ماحول سازگار بڻائي ڇڏيو آھي،جتي هن پاران ڪرسيون،پکا،ٿڌي پاڻي جي بندوبست سميت صفائي سٿرائي جا به جوڳا انتظام ڪيا ويا،جنهن تي شاگردن پاران سرهائي جو اظهار ڪيو ويو آھي، جڏهن تہ پنوعاقل شهر جي مک شهزاد فضل عباسي لائبريري آھي جيڪا تعلقي جي مختلف علائقن توڙي ڪچي يا پڪي سان سلهاڙيل شاگردن خاص ڪري سي ايس ايس جي تياري ڪندڙن لاء اميدن جو محور آھي بڻيل آهي جيڪا لائبريري گهڻي وقت کان قائم هجڻ سبب وقت جي معمارن جي مستقبل