
پنوعاقل(رپورٽ: انور علي جتوئي) پنوعاقل سٽي پوليس جي ڪارروائي ، شراب جي ٻن ڪارٽونن سميت جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعوا ، ڪيس داخل خبر موجب پنوعاقل۾ سٽي پوليس پاران دعوا ڪئي وئي آهي تہ پنوعاقل جي ڀيلار روڊ تي چيڪنگ ڪرڻ دوران رڪشا کي شڪ جي بنياد تي چيڪنگ ڪرڻ لاء رڪيو ويو ھو تہ رڪشي مان شراب جا ڪارٽون ھٿ آيا جنهن کان پوءِ جوابدار گلبھار چاچڙ کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ جوابدار گلبھار چاچڙ مٿان پنوعاقل سٽي ٿاڻي تي شراب جي ٻن ڪارٽونن جي منشيات جو ڪيس داخل ڪري لاڪب ڪيو ويو آهي،