
پنوعاقل (رپورٽ: انور علي جتوئي) پنوعاقل ۾ شڪارپور واسي بيھوش ٿي وَيو، تعلقہ اسپتال۾ فوت،، خبر موجب شڪارپور جي ڳوٺ الله بخش واسي علي مراد ولد محوب کوسو پنوعاقل سٽي ٿاڻي جي حد علائقي بشير آباد ۾ بيھوش ٿي وَيو ھو جنھن کي بشيرا آباد جي علائقي واسي تعلقہ اسپتال پنوعاقل کڻائي ڇڏي ھليا ويا ھئا جنھن کان پوءِ بيھوش ٿيل شڪارپور واسي فوت ٿي ويو فوتي جي کيسي مان سڃاڻپ ڪارڊ ھٿ آيو آهي جنھن۾ نالو علي مراد ولد محبوب خان رھاڪو ڳوٺ الله بخش کوسو ٽنڊو بھار امروٽ شريف تلقو ڳڙھي ياسين ضلعو شڪارپور لکيل آهي، فوتي جو لاش دير تائين تعلقہ اسپتال پنوعاقل۾ پيل رھو ، پنوعاقل جي بشيرا آباد واسين مان معلوم ٿيو آهي تہ فوتي علي مراد کوسو ڪافي عرصي کان بشيرا آباد۾ ھڪ مسجد ۾ رھندو ھو جيڪو بيھوش ٿي وَيو ھو جنھن کي علائقي واسي اسپتال کڻائي ويا ھئا جنھن کان پوءِ ھو فوت ٿي ويو آهي، ،