
پنوعاقل (رپورٽ : انور علي جتوئي) پنوعاقل جي منافعي خور واپاري پاران آبادگارن کي يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ لڳا، آبادگارن جي زندگي پيڙائن ۾ گذرڻ لڳي، انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل،
رپورٽ موجب پنوعاقل ۾ منافعي خور واپارين يوريا ڀاڻ گودامن ۾ ذخيره اندوزي ڪري لڪائي ڇڏيو آهي جنھن کان پوءِ آبادگارن کي 19 سئو واري يوريا ڀاڻ جي ٻوري روڪ تي 24 سئو ۽ اوڌر تي 35 سئو ۾ وڪرو ڪرڻ لڳا آهن جڏهن تہ گھڻي ڀاڱي آبادگارن پاران فصل جي پوکائي کان لاب تائين تيل، ٻڄ، ڀاڻ توڙي زرعي دوائون واپارين کان اوڌر تي وٺي فصل لھڻ شرت رقم ادا ڪئي ويندي آهي جنھن وياج خور واپاري آبادگارن جي مجبوري جو فائدو وٺي ھيڪوڻ جي ٻيڻ رقم وصول ڪن ٿا آخر ۾ آبادگار مجبور ٿي پنهنجون زمينون وياجي واپارين وٽ گروي رکي ويندا آھن جيڪي اڳتي ھلي زمينون وڪرو ڪرڻ کان پوءِ بہ قرض لاهي ناھن سگهندا. ان باري ۾ آبادگار اڳواڻن شاھ محمد انڍڙ، رمضان ڪورائي، ميان شير محمد انڍڙ ۽ ٻين جو چوڻ آهي تہ آبادگارن سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي ھڪ تہ زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي پورو نٿو ملي وري منافعي خور واپاري ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ آبادگارن کي بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن جنھن سبب آبادگارن لاءِ پنھنجا ٻچڙا پالڻ مسئلو بڻجي ويو آهي. ھوڏاھن مختيارڪار پنوعاقل شاھنواز چارڻ رابطو ڪرڻ تي موقف اختيار ڪندي چيو تہ وفاقي حڪومت ڀاڻ ڪمپني وارن کي لکت ۾ حڪم ڏنو آهي تہ ڀاڻ جي پھرين ريٽ کان 3 سئو رپيا گھٽ ريٽ تي ڊيلرن کي ڏنو وڃي جنھن بابت ٻن ڏينهن کان پوءِ ڪمپني ۽ ڊيلرن جي ميٽنگ رکيل آهي ۽ جلد سرڪار جي مقرر ٿيل رقم تي عمل ڪرايو ويندو ۽ واپارين کي مھانگو ڀاڻ آبادگارن کي وڪرو ڪرڻ نہ ڏينداسين جيڪڏهن ڀاڻ جي ڊيلرن آبادگارن سان ناجائزي ڪئي تہ انهن ڊيلرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.