
پنوعاقل ( رپورٽ: انور علي جتوئي) ننڍي چونڊ: پنوعاقل ۾ ٽن اميدوارن جو بنا مقابلي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري، يوسي نوراجا تي چيئرمين پير بخش مھر ، وائيس چيئرمين نديم سميجو, ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر طور زاھد علي سميجو بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا، ريٽرننگ آفيسر يو سي 17 نوراجا جي بنا مقابلي ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي جو نوٽفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، ريٽرننگ آفيسر يوسي 17 نوراجا تي اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو
خبر موجب ريٽرننگ آفيسر نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي ته پيپلز پارٽي جا نامزد ٿيل اميدوار يو سي نوراجا تي چيئرمين پير بخش مهر، وائيس چيئرمين نديم سميجو ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر طور زاهد علي سميجو بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن. اهڙي ڪاميابي تي تڪ جي عوام۽ پي پي ورڪرن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي بنا مقابلي ڪامياب اميدوارن کي تڪ جو عوام ۽ پي پي ورڪن دهلن شرناين سان هار پارائي ڪلهن تي کڻي تڪ جو گشت ڪيو.