ڀان سيدآباد باء پاس روڊ تي آغا جي پمپ سامهون محمد قاسم سولنگي جي ايل پي جي گئس جي دڪان تي گئس سلينڊر جو نوزل ٽٽڻ سبب سلينڊر ڦاٽڻ ڪري باھ ڀڙڪي وئي دڪان ۾ ڪم ڪندڙ 2 ڄڻا پورهيت مرتضا ولد علي حسن سولنگي ۽ فاروق ولد خدابخش مڱڻهار سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڀان سيدآباد هيلٿ سينثر موڪليو ويو جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڀان سيدآباد اسپتال کان سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ اسپتال سيوهڻ ريفر ڪيو ويو